سادات باره

سادات باره: هن خاندان جي نسب جو سلسلو حضرت امام زين العابدين عليه السلام سان ملي ٿو. عطا محمد حامي پنهنجي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ لکي ٿو ته، ’سادات باره جو وڏو ڏاڏو سيد ابو الفرح، وسطي هندستان مان آيو هو. هن خاندان وارا شمس الدين التمش جي ڏينهن ۾ هندستان ۾ آباد ٿيا. جن مان سيد احمد ۽ سيد هاشم جلال الدين محمد اڪبر جي درٻار ۾ وڏي اثر رسوخ وارا هئا.
سادات جي جانشيني پاڙي مان هڪ سيد پناهه علي شاهه 24 شعبان المعظم 1240هه/13 اپريل 1825ع ۾ خيرپور ۾ اچي فقيراڻي زندگي بسر ڪئي. هو وڏو معرفت جو صاحب هو. مير سهراب خان ٽالپر کيس خيرپور ۾ هڪ عاليشان امام بارگاهه ٺهرائي ڏني، جنهن کي سيد پناهه علي شاهه سنڀالڻ لڳو ۽ اڪثر وقت امام بارگاهه ۾ موجود هوندو هو. سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ سيد امام علي شاهه اول گاديءَ تي ويٺو، جيڪو وڏو عالم هو. سيد امام علي شاهه کانپوءِ سندس پٽ سيد جعفر علي شاهه اول جا نشين ٿيو، هي مير علي مراد خان ٽالپر جو مقرب خاص ۽ روحاني پيشوا هوندو هو. مير علي مراد خان سيد جعفر علي شاهه کي ديني تقريبن ۽ مذهبي اشاعت لاءِ رياست جي اپت مان چاليهون حصو ڏيندو هو، ان کانسواءِ مير علي مراد خان هڪ فرمان جاري ڪري ڇڏيو هو ته، خيرپور رياست جي هر گادي نشين جي تاجپوشي واري موقعي تي هن خاندان کي هڪ سؤ ايڪڙ زمين ۽ ڏهه هزار روپيا ملندا رهندا. مير فيض محمد خان ٽالپر ثاني جي ڏينهن تائين هن پرواني جي باقاعدگيءَ سان تعميل ٿيندي رهي. هنن جي خاندان ۾ سيد علي رضا شاهه اول، سيد علي حسين شاهه، سيد امام علي شاهه (مجتهد ۽ فقھ جو ڄاڻو) سيد محمد علي شاهه (مرثيه گو نامور شاعر) ۽ ٻيا گهڻا عالم، فاضل ۽ شاعر ٿيا. سيد عابد علي شاهه هن ئي خاندان جو چشم و چراغ هو ۽ هو خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر ناز جو مقرب خاص ۽ درٻاري شاعر هوندو هو. اڄ تائين هي سادات خيرپور ۾ آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو